ڀرڪيو شيخ ڪاتيار

ڀرڪيو شيخ، ڪاتيار: هي بزرگ نصر پور جي سماواتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ ڪاتيار جو باشندو هو. هن جو مقبرو اڃا به هن ساڳئي ڳوٺ شيخ ڀرڪئي ۾ آهي. هي ڳوٺ گلاب لغاري تعلقي ماتليءَ جي الهندي 5-6 ميلن تي واقع آهي. هن بزرگ جي والد جو نالو شاهو ڪاتيار هو. شيخ ڀرڪيي زهد ۽ تقوا، رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هيءُ سالڪ مجذوب هو. هن جي مجاهدن ۽ ڪرامتن جا احوال حديقة الاولياءَ ۽ تحفة الڪرام ۾ ڪافي آيل آهن. حديقة الاولياءَ جي مؤلف هن جو تعارف هن طرح پيش ڪيو آهي ته ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت جي ملڪ جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو، ترڪ ۽ فنا جي راهه جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي مخالفن جي واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار، صاحب حال ۽ اهل دل، زماني جو نيڪو ڪارن جو پيشوا، نامدار آزاد انسانن جو خلاصو، يعني شيخ ڀرڪيو ولد شاهوڪاتيار، ان زماني جي سڀني نامدار بزرگن ۽ ڪبار مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“ هي بزرگ هالاڪنڊيءَ جي مخدوم احمد ۽ محمد جو همعصر هو. مخدوم احمد، جنهن جي وفات حديقة اولالياءَ ۾ 924 هه بمطابق 1518ع ڄاڻايل آهي ۽ تحفة الڪرام واري صاحب 930 هه بمطابق 1523ع ڄاڻائي آهي. هن حساب سان ڀرڪيي جو هن دار فانيءَ مان الوداع ڪرڻ 925 هه بمطابق 1519ع ۽ 935 هه بمطابق 1519ع جي وچ ۾ سمجھڻ گھرجي. مخدوم نوح رحه جي ولادت کان اڳ پاڻ هڪ دفعي چيائون ته ”مخدوم نعمت الله کي لطف الله نالي هڪ اهڙو فرزند ٿيندو، جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي حضور حاصل ٿيندو.“ هاڻي به هر سال هن صاحب جو عرس 11-10-9 شعبان تي ٿيندو آهي.
شيخ ڀرڪيو ڪاتيار شاعر به هو، جنهن جا ست بيت مشهور محقق هيري ٺڪر راجستان رياست مان اجمير جي پاسي جي ڳوٺ ”نارائڻا وهار“ مان 80-1979ع ڌاري هٿ ڪيا هئا، جن مان ڪي هت ڏجن ٿا:
هليا سي ”نڪنج“ ڏي، ’ڀرڪڻ‘ چوي ڀري،
لوڪان اوري آسرو، اسان پنڌ پري.

”ڀرڪڻ“ سندي مڪڙي، نه اورار نه پرار،
نه لائو لهرن سين، نه تر، نه پاتار،


هن صفحي کي شيئر ڪريو